سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي ۽ بزم غالب ملڪاڻي پاران نامياري صوفي شاعر ۽ راڳي پيار علي پيار سان محبتن ڀري رهاڻ ملهائي وئي تقريب جي صدارت قاضي بدر ڪئي مهمانن ۾ اسڪالر الطاف ملڪاني، روشن ڏيپر، ذوالفقار هالار سومرو، نذیر علي جانوري شامل ها، صدارتي خطاب ڪندي ناموَر شاعر قاضي بدر چيو آهي تہ پيار علي پيار هڪ سماج سڌارڪ سان گڏ بهترين شاعر آهي، جنهن جي فڪر ۾ سماج لاءِ ڀلائي آهي، هي بلڪل فقير منش انسان آهي جيڪو دوستن کي پيار ارپي ٿو. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري محبوب سنڌي چيو تہ پيار علي پيار صوفيت جي رنگ ۾ رنڱيل شاعر آهي، جنهن وٽ سماج جي سڌاري لاءِ انيڪ خواب آهن، هن صوفي ڪلام ڳائي پنهنجو مثبت ڪردار نڀايو آهي. اسڪالر الطاف ملڪاڻي چيو تہ پيار علي پيار پنهنجو جيون سنڌي ادب کي ارپيون آهي، پر افسوس آھي اديبن ۾ ٺهيل طبقاتي فرق جي ڪري هن کي مڃتا نہ ملي سگهي آهي ۽ کوڙ سارا اديب مڃتا کان رهجي ويا، اچو تہ اهڙي نظام کي ڊاهي ڪو نئون اديباڻو جهان اڏيو. ذوالفقار هالار سومري چيو تہ پيار علي پيار هڪ دور جي ڪٿا آهي، جنهن زندگي جي ڪارگذاري پيار ۽ الفت جي درس ڏئي ٿي. نذير جانوري چيو تہ بابا پيار علي ڌرتي سان محبت ڪندڙ هڪ سچو انسان آهي، هن جي شفقت جي ڪري ئي اسان سماج جا سٺا انسان ٿي سگهيا سين. صاحبِ رهاڻ پيار علي پيار چيو تہ اڄ مون سان ملهايل هي رهاڻ منهنجي ادبي سفر کي سڦل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ باقي ڪا به حسرت ناهي رهي. تقريب کي روشن ڏيپر، جاويد چانڊيو ،عابد جانوري خطاب ڪري پيار علي پيار جي فن فڪر تي روشني وڌي جڏهن تہ شاعرن رمضان لاهوتي، شير علي جمالي، علي گل رند شاعري پيار علي پيار کي ڀيٽا پيش ڪئي تقريب جي آخر ۾ راڳي صوفي رخسار علي سمون غالب ملڪاڻي جا گيت ڳائي داد ورتو
