ٽنڊوڄام رپورٽ۔ سرفراز شاهاڻي ڊائريڪٽوريٽ جنرل ٽريننگ اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ واٽر مئنيجمينٽ سنڌ حيدرآباد پاران واٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن جي ٻين بئنچ جي پنجن ڏينھن جي ٽريننگ پروگرام جي آخري ڏينھن تي تقريب ٿي گذري، تقريب جي مھمان خصوصي ڊائريڪٽر آن فارم واٽر مئنيجمينٽ محرم علي ڪولاچي ٽريننگ حاصل ڪندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفيڪيٽ ورهايا، ڊائريڪٽر آن فارم واٽر مئنيجمينٽ محرم علي بڙدي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ ان قسم جون ٽريننگ اداري جي آفيسرن کي ڪرائڻ هڪ سٺو عمل آهي، آئون اها اميد ٿو ڪريان تہ ٽريننگ حاصل ڪندڙ آفيسر فيلڊ ۾ وڃي آبادگارن جي بھتر نموني خدمت ڪندا، ٽريننگ اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ واٽر مئنيجمينٽ سنڌ جي ڊائريڪٽر محمد ايوب بڙدي خطاب ڪندي چيو تہ هن اداري جو مقصد سنڌ ۾ زراعت لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻي جي زيان کي روڪڻ لاءِ آبادگارن جي زمينن ۾ موجود ڪچن واٽر ڪورسن کي پڪو ڪيو پيو وڃي، ان عمل سان آبادگار گھٽ پاڻيءَ تي پنھنجا فصل پوکي گھڻي اپت حاصل ڪن ٿا، هن ٽريننگ جو مقصد زراعت ۾ گھٽ پاڻيء تي جديد طريقن جي ڄاڻ ڏيڻ آهي، اسان اداري جي آفيسرن کي بھتر کان بھتر تربيت ڏئي سنڌ جي آبادگارن کي گھٽ پاڻي تي وڌيڪ اپت بابت ڄاڻ ڏيندا، تقريب ۾ مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جو رٽائر پروفيسر ڊاڪٽر شفيع محمد ڪوري، سڪندر علي عباسي، جيالاجسٽ ڊاڪٽر حليم الزمان مگسي، غلام سرور جيلاني، عامر بلوچ سميت ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.
