41

ڪراچي: ڪمشنر مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز ساڍي اٺين وڳي بند ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي: (ڇنڇر: 25 فيبروري 2023ع) توانائي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي جي ڪمشنر شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪرائڻ جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنرز(ڊي سيز) کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
وفاقي حڪومت جي هدايت تي ڪراچي جي ڪمشنر سمورن ڊي سيز کي خط لکي ڇڏيو آهي. ڪمشنر ڪراچي ڊپٽي ڪمشنر کي مارڪيٽن ۽ هوٽلن بابت نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ڪمشنر ڪراچي ڊي سيز کي هدايتون ڏنيون آهن ته شاپنگ مالز، مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪرايا وڃن. ڪمشنر ڪراچي هدايت ڪئي آهي ته شادي هاليز ۽ هوٽلن کي رات 10 وڳي بند ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. توانائي بحران بابت وفاقي حڪومت جي حڪمن تي عمل ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں