41

پي ٽي آءِ پختونخواهه جي 9 سالن جي حڪومت واري دور ۾ اربين روپين جا قرض ورتا

پشاور: (ڇنڇر: 25 فيبروري 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجي 9 سالن جي حڪومت واري دور ۾ اربين روپين جا پرڏيهي قرض ورتا.
ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2013 کان 2022 تائين ڪي پي ڪي حڪومت 661 ارب روپين جي قرضن تي صهيحون ڪيون ۽ اهي پئسا ڪي پي ڪي حڪومت پرڏيهي ادارن کان منصوبن جي حوالي سان ورتا هئا.

دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل هيلٿ سپورٽ پروجيڪٽ جي لاءِ 94 ڪروڙ 60 لک روپين جي قرضن تي صحيحون ڪيون ويون. هيلٿ سسٽم اسٽرينهننگ پروجيڪٽ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان 18 ارب 60 ڪروڙ روپين جي قرضن جو معاهدو ڪيو ويو جڏهن ته بالا ڪوٽ هائيڊرو پروجيڪٽ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 48 ارب 30 ڪروڙ جي قرضن جو معاهدو ڪيو ويو آهي.
دستاويزن موجب جون 2013 کان صوبي جو ورهايل ۽ بقايا قرض 130 ارب روپين جو هو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں