35

پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس: عمران خان کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد: (ڇنڇر: 25 فيبروري 2023ع) اسلام آباد جي بينڪنگ ڪورٽ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کي 278 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ ٻين خلاف فارين ايڪسچينج ايڪٽ جي تحت پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عمران خان جي قانوني ٽيم طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آرڊر جي ڪاپي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.

عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ عمران خان کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. بينڪنگ ڪورٽ جي جج رخشده شاهين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں