35

ننڍيون چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي درخواست رد

اسلام آباد: (ڇنڇر: 25 فيبروري 2023ع) اليڪشن ڪميشن 26 فيبروري تي راجن پور ۾ ٿيندڙ ننڍيون چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت پنجاب حڪومت جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب حڪومت طرفان گذريل ڏينهن ننڍيون چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. ڪمشنر ڊيره غازي خان طرفان لکيل خط ۾ سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خط جي جواب ۾ چيو آهي ته سمورا انتظام مڪمل آهن. اين اي هڪ سئو 93 راجنپور ۾ چونڊون 26 فيبروري تي ئي ٿينديون.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب ڊسٽرڪٽ ڪنٽرول روم ۾ ريٽرننگ آفيسر کان علاوه لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جون اختياريون موجود رهنديون ته جيئن ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.
چونڊ عمل جي نگراني لاءِ مرڪزي ۽ صوبائي ڪنٽرول روم به چونڊ نتيجا جوڙڻ تائين بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڪم جاري رکندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں