44

راڄوخاڻي پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، 2 ڄڻا گرفتار، 219 ليٽر ڪچو شراب هٿ

راڄوخاناڻي:(رپورٽ: جنيد مير) راڄوخاناڻي پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي, ٻه ڄڻا گرفتار, 219 ليٽر شراب ھٿ ڪرڻ جي دعوىٰ,
راڄوخاناڻي پوليس ساماڻو پاڙي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪندي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري 219 ليٽر ڪچو شراب ھٿ ڪرڻ جي دعوىٰ ڪري ڇڏي آهي.

رابطو ڪرڻ تي راڄوخاناڻي پوليس ٻڌايو ته ڳجھي اطلاع تي راڄوخاناڻي شھر جي ساماڻو پاڙي ۾ محمد رفيق خاصخيلي ۽ فھيم خاصخيلي جي ڪچي شراب جي بٺي تي ڪارروائي ڪندي ٻنهي جوابدارن کان 219 ليٽر ڪچو شراب ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪري جيل حوالي ڪيو ويو آھي,

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں