37

گھوٽڪي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بادل مگسي ۾ نامعلوم ھٿياربندن پاران ٻن سڳن ڀائرن کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي رپورٽ پنجارام ھوتواني 23-2-2023 گھوٽڪي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بادل مگسي ۾ نامعلوم ھٿياربندن پاران ٻن سڳن ڀائرن کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو, نامعلوم ھٿياربن ٻن ڀائرن ساگر مگسي ۽ ساجن مگسي کي گوليون ھڻي فرار ٿي ويا, ٻنھي ڀائرن کي زخمي حالت ۾ تعلقا اسپتال آندو ويو جتي ساگر مگسي زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو جڏھن تہ ساجن مگسي کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جيڪو زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو بي سيڪشن پوليس پاران ناڪابندي ڪئي وئي آھي پر پوليس آخري اطلائن تائين جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نہ اچي سگھي آھي, ٻنھي ڄڻن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مڇي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں