35

ڀٽ شاھ ۾ بدآمني وڌي وئي مين پرائمري اسڪول مان ٻيو دفعو پاڻيء وارو موٽر چوري پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نہ ڪيو

ھالا رپورٽر اعجاز علي ٻگھيو 23-2-2023 ڀٽ شاھ ۾ بدآمني وڌي وئي مين پرائمري اسڪول مان ٻيو دفعو پاڻيء وارو موٽر چوري پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نہ ڪيو پاڻي واپرائڻ لاء اسڪولي شاگرد توڙي شاگردياڻيون پاڻيء لاء سخت پريشان آھن حضرت شاھ عبداللطيف رحہ جي نالي سان منسوب ٿيل مين پرائمري اسڪول بہ چورن جي وڙ چڙھيل اسڪول مان چوري ھر روز جو معمول بڻيل ان حوالي سان مين پرائمري اسڪول ڀٽ شاھ جي استادن صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ اسڪول جي استادن ۽ پٽيوالن کي نشانو بڻائيو پيو وڃي چوريون مسلسل ٿينديون رھيون آھن اسڪول جي چوڪيدار کي مارڪٽ موتمار ڌمڪيون روڪ رقم موبائيل فون ڦر پڻ ڪئي وئي آھي ڀٽ شاھ پوليس کي اھڙي قسم جو اطلاع پڻ ڏنو آھي ھن محل تائين پوليس ڪو بہ تدارڪ نہ ڪيو اسڪول جي ڇت مان پنکا لاھي دري دروازه پاڻي وارا موٽر چوري ڪيا ويا آھن ھنن تعليم کاتي جي وزير تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو آھي تہ اسڪول جون ٿيندڙ چوريون واپس ڪرائي اسڪولي شاگردن ۽ استادن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ تعليم متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں