38

عوام کي عدالتن مان ئي اميدون آهن، نااهل حڪمران ملڪ لاءِ خطرو آهن: پرويز الاهي

لاهور: (خميس: 23 فيبروري 2023ع) پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته عدالت ئي هن وقت عوام جي اميدن جو مرڪز آهي، اميد آهي ته عدالت آئين جي بالادستي جي لاءِ تاريخي فيصلو ڪندي.
لاهور ۾ چوڌري پرويز الاهي سان محمودالرشيد، جليل شرقپوري، احمد نواز ۽ ٻين ملاقاتون ڪيون پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪرڻ تي کيس گل پيش ڪيا ويا.
پرويز الاهي اليڪشن جي تاريخ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس لي سٺي ڳالهه قرار ڏنو.

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ عوام جو جذبو تعريف جوڳو آهي، حقيقي آزادي ۽ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ عمران خان جا هٿ مضبوط ڪرڻا پوندا.
هن چيو ته پي ڊي ايم پنهنجي ناڪام سياست بچائڻ، مخالفن تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ ڪوڙا ڪيس مڙهي رهي آهي، نااهل حڪمران ملڪ جي معيشت ۽ امن جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهن.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ادارن تي دٻاءُ وجهي مرضي جا فيصلا ڪرائڻ جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ نه ڏني ويندي. هاڻي عمران خان عوام کي شعور ڏئي ڇڏيو ۽ اهي سجاڳ ٿي چڪا آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں