اسلام آباد: (خميس: 23 فيبروري 2023ع) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عوام تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ کي رد ڪري ڇڏيو، عمران خان فتنو آهي، جنهن سياسي مخالفت کي دشمنيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
اسلا م آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان پي ٽي آءِ جي معصوم ڪارڪنن کي پنهنجي سازش لاءِ استعمال ڪري پيو چاهي پر جيل ڀريو تحريڪ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ناڪام ٿي وئي.
هن چيو ته عوام جيل ڀريو تحريڪ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ لاءِ رڳو 3 کان 4 سئو ماڻهو گڏ ٿيا هئا، حڪومت 500 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جو بندوبست ڪيو هو گاڏين ۾ رڳو 80 ماڻهو ويٺا، جن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، عمران خان ٽولي جا ٽي چار ماڻهو سوگها ٿي ويا آهن.
راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان توشا خاني جو جواب ناهي ڏنو، قانون سڀني لاءِ برابر آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت ۾ پيش ڇو نه ٿو ٿئي؟