41

صدر غيرآئيني ڪمن کان پاسو ڪري: وزيراعظم

اسلام آباد: (خميس: 23 فيبروري 2023ع) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر عارف علوي کي اليڪشن ڪميشن جو خط غير آئيني آهي، صدر غير آئيني ڪمن کان پاسو ڪري.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سياسي صورتحال تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن، اتحادي پارٽين جي اڳواڻ ۽ حڪومتي قانوني ٽيم به شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف اڳواڻي کي صدر کي خط لکڻ تي اعتماد ۾ ورتو.
اجالس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس تي قانوني ٽيم بريفنگ ڏني.
اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مطاهر نقوي پاڻ کي ن ليگ بابت ڪيسن کان ڌار ڪري ڇڏين.
وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي نام نهاد جيل ڀريو تحريڪ ناڪام ٿي چڪي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته عوام ڏڦيڙن واري سياست کي رد ڪري ٿو، ماڻهو پي ٽي آءِ جي يوٽرزن کي سڃاڻي وئي آهي، حڪومت عدالتن جو احترام ڪري ٿي.
سندس اهو به چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن خودمختار ادارو آهي، اليڪشن ڪميش جيڪو به فيصلو ڪندي حڪومت ان تي عمل ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں