ھالا رپورٽ اعجاز علي ٻگھيو 22-2-2023 ڀٽ شاھ ۾ يعقوب شھيد قبرستان ۾ قبضي ڪرڻ خلاف مقامي شھرين جو تنبوره چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آھي سيد گدا حسين شاھ جسقم اڳواڻ سيد ھاشم شاھ رسول بخش ملاح عادل راجپوت سميت ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي مظاھرين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته فقير يعقوب شھيد قبرستان ۾ غير قانوني طريقي سان فقير جي لانڍي وٽ ھڪ ڪمرو ٺاھيو ويو آھي جيڪو ناقابل برداشت عمل آھي اڳواڻن اھڙي عمل تي وزير اعلي سنڌ ڪمشنر حيدرآباد ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته جلد کان جلد غير قانوني قبضو ھٽايو وڃي:
