36

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ميمبرن جي معطل ٿيل ميمبرشپ بحال ڪندي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي آرٽ ڪائونسل جي اليڪشن پنهنجي نگراني ۾ ڪرائڻ جو حڪم

خيرپور رپورٽ فهيم زيدي 22-2-2023 آرٽس ڪائونسل خيرپور جي چونڊون وارو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ شيراز شاه جيلاني سوڌو ميمبرن جي معطل ٿيل ميمبرشپ بحال ڪندي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي آرٽ ڪائونسل جي اليڪشن پنهنجي نگراني ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وڪيل سهيل کوسو موجب آرٽ ڪائونسل خيرپور جي اڳوڻي صدر شيراز شاه جيلاني جي طرفان معطل ٿيل ميمبرشپ خلاف درخواست جي سنڌ هاء ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻہ رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران عدالت سڳوري درخواستگذار ۽ ٻين ميمبرن جي رڪنيت معطل يا منسوخ ڪئي وئي آهي انهن جي ميمبرشپ بحال ڪندي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي پنهنجي نگرانيءَ ۾ يا پنهنجو نمائندو مقرر ڪري آرٽس ڪائونسل جي آئين موجب اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں