لاهور: (اربع: 22 فيبروري 2023ع) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ جهاد آهي جيڪو ملڪ کي تباهه ڪندڙن خلاف آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اڄ اسان ٻن وڏن سببن جي ڪري حقيقي آزادي جي لاءِ جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون. پهرين اها ته اسان جي تحريڪ پرامن آهي ۽ اسان جي آئين تي حملا ۽ بنيادي حق نه ملڻ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. ٻيو اهو ته اسان شرمناڪ طور تي ايف آءِ آر، نيب ڪيسز، گرفتارين ۽ تشدد کي منهن ڏئي رهيا آهيون اسان جي صحافين ۽ سوشل ميڊيا جي ماڻهن مٿان حملا ڪيا پيا وڃن. عمران خان چيو ته اسان جي تحريڪ مني لانڊرز، ملڪ جو پئسو ڦريندڙن ۽ پاڻ کي اين آر او ڏئي ملڪ جي معيشت برباد ڪندڙن خلاف آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته خاص طور تي غريب ۽ مڊل ڪلاس طبقو مهانگائي ۽ بيروزگاري جي بار هيٺيان دٻجي ويو آهي. سمورن پاڪستانين کي اپيل آهي ته هو پنهنجي حقيقي آزادي جي لاءِ اسان جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ شامل ٿين. هن وڌيڪ چيو ته هي تحريڪ پاڪستان کي آزاد ۽ خوشحال بنائيندي پاڪستان تڏهن خوشحال ٿيندو جڏهن رياست اوهان جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪندي. جيل ڀريو تحريڪ جهاد جو نالو آهي، هڪ آزادي جو نالو آهي، جيترا ماڻهو هن تحريڪ ۾ شرڪت ڪندا اوترو ئي جلد اسان پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿينداسين.
