40

جيل ڀريو تحريڪ: شاهه محمود قريشي، اسد عمر سميت ڪيترن ئي اڳواڻن گرفتاري ڏئي ڇڏي

لاهور: (اربع: 22 فيبروري 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جيل ڀريو تحريڪ جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. پهرين مرحلي ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيمه، سينيٽر وليد اقبال، اڳوڻي صوبائي وزير مراد راس سميت 200 ڪارڪنن گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي.
پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ اڄ لاهور کان شروع ٿي وئي آهي. اڳواڻن سميت ڪارڪنن به گرفتاريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. پوليس وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي قيدين جي گاڏين ۾ ويهاري ڇڏيو آهي. شاهه محمد قريشي ڪارڪنن کي سي سي پي او آفيس جي ٻاهر پهچڻ جي هدايت ڪئي هئي. تحريڪ انصاف جا ڪارڪن سي سي پي او آفيس جي ٻاهران جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر کي قيدين جي وين ۾ ڪيمپ جيل طرف آندو ويو جڏهن ته ٻيا ڪارڪن وين جي مٿان ويهي گڏوگڏ وڃي رهيا آهن.
پوليس ذريعن موجب مظاهرين خلاف باقاعده ڪيس داخل ڪرڻ جو امڪان آهي. سياسي پارٽي جي ڪارڪنن دفاع 144 ۽ 16 ايم پي او جي ڀڃڪڙي جي پابندي جي باوجود احتجاج ۽ ريلي ڪڍي وئي.
مظاهرين طرفان قانون کي هٿ ۾ کنيو ويو. پوليس مظاهرين کي باقاعده گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں