36

ڳوٺ خدا بخش کوسي جي رھواسين ء ٻين جو نيشنل پريس ڪلب اڏيرو لال اسٽيشن اڳيان احتجاج

مٽياري رپورٽ سومار ڇٽو 21-2-2023 اڏيرو لال اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ خدا بخش کوسي جي رھواسين حاجي حسن کوسو ء خادم حسين کوسو ء ٻين نيشنل پريس ڪلب اڏيرو لال اسٽيشن اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪرڻ کان پوء پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪلاسي ٻني جو. فيصلو اسان جي برادري جي معززين ڪيو اسان ان فيصلي تي قائم رهياسين ء ڪلاسي ٻني جا نشان اڄ بہ موجود آھن پر ٻه ڏينھن اڳ اسان جي مخالفن ۽ سندن ساٿارين اسان جي مال جي واڙي ء گھرن کي ھٿ سان باھ ڏني جنھن جي نتيجي ۾ اسان جون ٻڪريون مينھون ء اسان جي گھرن ۾ پيل سامان سڙي رک ٿي ويو ھو مال جي واڙي ء گھرن کي باھ ڏيڻ جي اسان ميھار کوسو جمن کوسو شريف کوسو غلام حيدر کوسو گل حسن کوسو خلاف اڏيرو لال اسٽيشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ء اڏيرو لال اسٽيشن پوليس چار ڄڻا گرفتار ڪيا آھن جڏھن ته سندن ساٿاري آسان کي جاني ء مالي نقصان پھچائڻ ء ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں