ھالا رپورٽ اعجاز علي ٻگھيو 21-2-2023 نيو سعيدآباد پريس ڪلب اڳيان ڀڌو پاڙي ۾ منشيات جي وڪرو کان منع ڪرڻ تي منشيات فروشن خلاف سينئر صحافي نظير احمد سولنگي ۽ سڌير سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙ جو چوڻ هو تہ نيو سعيدآباد جي ڀڌو پاڙي اندر گھرن اندر ٺرو شراب تيار ڪرڻ لاء بٺيون تيار ڪيون آھن جتي شراب تيار ڪري عورتن ۽ ٻارڙن ذريعي پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ شراب ويڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار جاري آھي ھنن ڌانھيو آھي ته پاڙي ۾ ٺرو شراب تيار ڪري وڪرو ڪرڻ کان منع ڪرڻ تي منشيات فروش پنھنجن ساٿين سان گڏجي پاڙي ۾ رھندڙ شھري سڌير سولنگي مٿان قاتلانا حملو ڪري لٺيون ۽ لوھي شيخون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو پوليس اسٽيشن نيو سعيدآباد تي اين سي داخل ڪرائڻ جي باوجود پوليس منشيات فروشن کي گرفتار نہ ڪيو آھي
