مسوڀرڳڙي رپورٽ .قلب لغاري 21-2-2023 ضلعي حيدرآباد جي سڀ کان وڏي سبزي مبڊي ۾ ٽماٽن جو اگھ ڪري پيو ٽماٽا ٽڪي ڌڙي ٿيڻ کان پوء آبادگارن کي وڏو تعلقي حدرآباد رورل ۾ ھر سال جيان ھن سال به ھزارين ايڪڙ زمين تي ٽماٽي جو فصل پوکيو ويو آھي مھانگي ڀاڻ ٻج کيڙي جي خرچ ۽ پاڻي جي کوٽ ھوندي آبادگارن محنت ڪري ھزارين ايڪڙن تي ٽماٽي جو فصل پوکي تيار ڪيو آھي جيڪو ھن وقت مارڪيٽ ۾ پھچڻ کان پوء واپارين ٽماٽي جو اگھ ڪيرائي ڇڏيو آھي جنھن ڪري مھينو اڳ 150 روپيا ڪلو وڪرو ٿيندڙ ٽماٽو ھن وقت بازارن ۾ گاڏن تي 10 روپيا ڪلو وڪامي رھيو آھي جڏھن ته منڍي ۾ آبادگارن کان ان کان به گھٽ اگھ تي ٽماٽو خريد ڪيو پيو وڃي جنھن ڪري کين سخت نقصان رسي رھيو آھي ان سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻن بشير لغاري , همير مڱريو , ستار ابڙو ٻڌايو ته تعلقي حيدرآباد ۾ واپارين ھڪ ھٽي قائم ڪري ٽماٽي جو اگھ ڪيرائي ڇڏيو آھي جنھن ڪري آبادگارن طرفان ڪيل پوکي جو خرچ ته نٿو نڪري پر زمين کان منڊي تي ٽماٽو پھچائڻ لاء ٽرانسپورٽ جو خرچ به نٿو نڪري ھنن چيو ته آبادگارن جي حڪومتي سرپرستي نه ھجڻ سبب تعلقي حيدرآباد جي آبادگارن جو ايندڙ ھر فصل ماري کنيو پيو وڃي جنھن ڪري ھاري آبادگار طبقو قرضي ٿي ويو آھي ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته تعلقي حيدرآباد جي آبادگارن ھارين کي واپارين جي رحم تي ڇڏڻ بدران سندن مالڪي ڪري تعلقي ۾ ٽماٽي ڪيچپ ۽ ٽماٽو ساس جا ڪارخانا ھنيا وڃن ۽ ڏيساور ۾ ٽماٽو موڪلي ناڻو ڪمائڻ جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن غريب آبادگار سک جو ساھ کڻي سگهن .
