لاهور: (اڱارو: 21 فيبروري 2023ع) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ جو اصل مقصد ڊرامو ڪري ميڊيا جو ڌيان حاصل ڪرڻ آهي.
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ جي حوالي سان امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ پي ٽي آءِ پاران اعلانيل جيل ڀريو تحريڪ جي حوالي سان امن امان جي صورتحال هر حال ۾ يقيني بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته امن امان جي صورتحال کي هر صورت ۾ يقيني بنايو ويندو ۽ قانون ٽوڙيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو.
ان موقعي تي راڻا ثناءُالله چيو ته جيل ڀريو تحريڪ جو اصل مقصد ڊرامو ڪري ميڊيا جو ڌيان حاصل ڪرڻ آهي. قانون ٽوڙيندڙن خلاف شاهديون گڏ ڪري عوام جي سامهون آنديون وينديون. وفاقي گهرو وزير هدايت ڏني ته شاهديون سامهون آڻي قانون ٽوڙيندڙن جو اصل چهرو بي نقاب ڪيو وڃي. عورتن ۽ غريب ڪارڪنن جي گرفتاري کان پاسو ڪيو وڃي.