39

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: (اڱارو: 21 فيبروري 2023ع) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد ڪيس ۾ حاضر نه ٿيڻ ۽ ڇوٽ جي درخواست داخل نه ڪرڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.

عدالت شريڪ جوابدار عورت عظميٰ عادل جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. احتساب عدالت ايل اين جي ڪيس ۾ شاهد خاقان عباسي کي اڄ طلب ڪيو هو پر شاهد خاقان طرفان سندس وڪيل به عدالت ۾ پيش نه ٿيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں