34

آئين ۽ قانون ۾ ڪٿي به اهو لکيل ناهي ته چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندو

اسلام آباد: (اڱارو: 21 فيبروري 2023ع) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته آئين ۽ قانون ۾ ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندو.
خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب اسيمبلي جي عام چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو اجلاس ۾ صدر عارف علوي طرفان اماڻيل خط ۽ 9 اپريل تي عام چونڊون ڪرائڻ جي هدايت تي غور ڪيو ويو پر مشاورتي اجلاس ۾ ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو.

اجلاس کان پوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن هر وقت آئين ۽ قانون تحت 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي آئين ۽ قانون موجب بنا ڪنهن دٻاءُ جي فيصلو ڪندا ڪندا رهنداسين.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آئين ۽ قانون ۾ ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندو. لاڳاپيل اٿارٽي طرفان تاريخ مقرر ڪرڻ کان پوءِ ڪميشن فوري طور تي شيڊول ڏئي چونڊ ڪرائڻ جو پابند آهي.
اليڪشن ڪميشن پنهنجي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اجلاس ۾ صدر عارف علوي طرفان تاريخ مقرر ڪرڻ کان پوءِ تفصيلي غور ڪيو ويو. اٽارني جنرل ۽ ٻين قانوني ماهرن کان وڌيڪ رهنمائي وٺڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. مشاورت جي لاءِ 2 آئيني ۽ قانوني ماهرن جي چونڊ ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن رهنمائي جي لاءِ اٽارني جنرل کي سڀاڻي مشاورت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں