مسوڀرڳڙي رپورٽ۔قلب لغاري 20-2-2023 مسوڀرڳڙي ۾ پهريون ڀيرو ايشين ليبارٽري جي ڪليڪشن پوائنٽ جو افتتاح پيپلز پارٽي اڳواڻ بلال خان شورو ڪيو،ان موقعي تي پ پ اڳواڻ بلال خان شورو پاران افتتاح ڪندي چيو ته هتي جا ماڻهو هن سهولت مان فائدو وٺي سگهندا جن کي ليب ٽيسٽن لا حيدرآباد وڃڻو پوندو هو هاڻي انهن کي هتي اها سهولت ملي سگهندي، ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ سليم رضا مڱريو،محمد بچل بروهي،رئيس مهرو خان وگھیو، عبدالرشید وگهيو، اڳوڻو يوسي چيئرمين سيد منظور شاہ، موهن لعل، پ پ يوسي جي جنرل سيڪريٽري فياض دل، جاويد وگهيو، جميل احمد راجپوت،امداد وگھیو،عمران خان ترڪ، نعمان احمد ۽ صحافين ۾ غلام مصطفي بروهي، عاشق علي ترڪ، محبوب خاصخيلي،امجد وگهيو،نور محمد ترڪ، ذيشان ترڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
