40

عورت آزادي مارچ جي سلسلي ۾ وومين ايڪشن فورم جي وفد جا مختلف ڳوٺن جا دورا

حيدرآباد:(آچر: 19 فيبروري 2023ع) عورت آزدي مارچ جي موبلايئزيشن جي سلسلي ۾ اڄ وومين ايڪشن فورم جي وفد ھٽڙي باء پاس تي ڳوٺ ڪڪو ميربحر، دريا بيگ مغل، کوسن جي ڳوٺ ۽ حاجياڻو ڳوٺ جا دورا ڪيا جيڪي حيدرآباد جي ٻھراڙي جا علائقا آھن جتي گھڻي ڀاڱي پورھيت عورتون رھن ٿيون، وفد جي دوري دوران عورتن پنهنجي ڳوٺن ۾ بنيادي سھولتن جي کوٽ جي شڪايت ڪئي، شڪايت ڪندڙ عورتن ٻڌايو ته ھتي جي بجلي ڪيترن مھينن کان ڪٽيل آھي پاڻي۽ گئس جي سھولت ب نه آھي نه ئي وري ڳوٺ ۾ اسڪول موجود آهن. روڊ رستا تباهه ٿيل آهن. ڳوٺ کان شھر تائين اچڻ لاء سواري جي بندوبست جي پڻ ڏکيائي آھي. اڪٽر عورتن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪارڊ بند ٿيڻ جي شڪايت ڪندي انھن کي کولرائڻ جو مطالبو ڪيو
وومين ايڪشن فورم پاران عورتن کي عورت آزادي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ سان گڏ اھو پڻ اھو پڻ يقين ڏياريو ويو تن ھنـن علائقن جي مسئلن کي ميڊيا جي ذريعي سنڌ حڪومت تائين پھچائي انھن جي حل لاء ڪوشش ڪئي ويندي ـ
ڳوٺ الھ وسايو ڀٽي ڳوٺ ۾ عورتون گھرن ۾ـرليون ٺاھين ٿيون ۽ ٻنين ۾ ڪم ڪن انھن ٻڌايو تـ سڄو ڏينھن گلن چونڊڻ جو معاوضو صرف 50 رپيا ملندو آھي ھن ڳوٺ ۾ بہ عورتن مطالبو ڪيو تـ سندن ڳوٺ ۾ اسڪول قائم.ڪيو وڃي ڇو تـ اسڪول جي نـ ھجڻ جي ڪري ٻار تعليم کان محروم آھن ـ تمام ٿورا ٻار پري پنڌ ڪري ڀر واري ڳوٺ ۾ اسڪول وڃن ٿا ـ عورتن پنھجي ڳوٺ ۾ ھنري سکيا جي مرڪز جو پڻ مطالبو ڪيو آھي ـ سڀني عورتن عورت آزادي مارچ ۾ شرڪت لاء جوش ۽ جذبي جواظھار ڪيو آھي وفد ۾ ڊاڪٽر حسين مسرت نسيم جلباڻي ۽ سنڌ سر تيون تنظيم جي ادي زينت ڀٽي شامل ھيون

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں