سکر: (سومر: 20 فيبروري 2023ع) سکر روهڙي ويجهو قومي شاهراه تي خوفناڪ روڊ حادثو عورت ٽن ٻارڙن سميت چيڀاٽجي فوت مڙس زخمي. رپورٽ موجب سکر جهانگڙو ٿاڻي جي حد روهڙي ٽول پلازه ويجهو قومي شاهراه تي روهڙي کان سانگي طرف ڪٽنب سان خوفناڪ حادثو پيش آيو آھي
ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪلر ڳوٺ لڳ ڳوٺ حاجي سليمان شيخ جا رهواسي هڪ ئي ڪٽنب جا 25 ورهين جي سويره، 5 سالن جو عبدالشڪور چئن سالن جو عبدالقدير ۽ 2 سالن جو محمد معروف شيخ ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا جڏهن ته جاويد احمد شيخ سخت زخمي ٿي پيو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي جنهن فوتين جا لاش ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال روهڙي منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي