خيرپور رپورٽ فهيم زيدي 20-2-2023 خيرپور ۾ اٽي جو بحران ختم نه ٿي سگهيو , دڪاندار من پسند اگھ وصول ڪرڻ لڳا عوام ٻنهي هٿن سان ڦُرجڻ لڳو خوراڪ کاتي جا عملدارن خاموش بڻيل سنڌ حڪومت پاران اٽي جو اگھ 98 رپيا مقرر ڪرڻ جي باوجود واپاري عوام کان من پسند اگھ وصول ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن گدامن ۽ اٽي جي چڪين تي 140 کان 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي خوراڪ کاتو مڪمل خاموش بڻيل آهي خيرپور جي رهواسين جو چوڻ آهي تہ اٽي جا هٿرادو اگھ وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي ڦرجڻ کان بچايو وڃي
