لاهور: (سومر: 20 فيبروري 2023ع) لاهور هاءِ ڪورٽ ٿاڻي سنگجاني ۾ داخل ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي
جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٿاڻي سنگجاني ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
لاهور هاءِ ڪورٽ حفاظتي ضمانت جي درخواست ۽ وڪالت نامي تي صحيح ۾ فرق تي وضاحت ۽ ٿاڻي سنگجاني ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان کي پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏنو هو، جنهن کانپوءِ هو عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت عمران خان کي پيش ٿيڻ لاءِ شام 5 وڳي جو وقت ڏنو هو، جڏهن ته هو 5 لڳي 50 منٽن تي هاءِ ڪورٽ جي حدن ۾ پهتو، جتي هو گهڻي دير تائين موجود رهيو. ان دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ عدالت کان درخواست ڪئي ته عمران خان جي حاضري قبول ڪئي وڃي کيس ويل چيئر تي گاڏي مان عدالتي ڪمري تائين پهچائڻ ممڪن ناهي پر عدالت اهڙي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ عمران خان کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
انکانپوءِ عمران خان ساڍي 7 وڳي پنهنجي گاڏي مان نڪري پاڻ پنڌ ڪري جسٽس باقر نجفي جي عدالتي ڪمري ۾ پهتو.
حفاظتي ضمانت جي درخواست ۾ عمران جي مختلف صحيحن وارو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ جي عدالت ۾ هلي رهيو آهي، جڏهن ته ٿاڻي ناسنگجاني ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج علي باقر نجفي ڪري رهيو آهي، ٻنهي عدالت ۾ عمران خان جي پيشي جو انتظار پئي ڪيو ويو.
ان کان اڳ عدالت عمران خان کي اڄ ئي منجهند جو 2 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.
ٻه وڳي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس طارق سليم شيخ پڇاڻو ڪيو ته 2 وڳي جو وقت هيو، ڪٿي آهي عمران خان؟ عمران خان جي وڪيلن ٻڌايو ته هو رستي ۾ آهي، ٿوري دير ۾ پهچي ويندو، سيڪيورٽي جو مسئلو آهي.
جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته سڪيورٽي جو مسئلو مونکي حل ناهي ڪرڻو، ٻڌڻي ٿوري دير لاءِ ملتوي ڪري رهيا آهيون، عدالت ۾ ماڻهن جي رش به گهٽ ڪيو.
وري ٻڌڻي شروع ٿي ته عمران خان جي وڪيل چيو ته عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواست ان جي صحيح سان فائل نه ٿي هئي.
عدالت چيو ته جي عمران اها درخواست ڪئي ئي نه هئي ته پوءِ واپس ڪيئن ٿو وٺي سگهي؟ ائين ناهي ٿيندو ته ٻڌڻي ٿوري ٿوري دير ۾ ملتوي پئي ٿئي.
عمران خان جي وڪيل جو چوڻ هو ته توهان پاڻ درخواست خارج ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت چيو ته ٻڌڻي پوءِ به هلندي، توهان جو رويو معذرت وارو هئڻ گهرجي ها، مان توهان کي سبب جي اظهار جو نوٽيس ڏيندس جواب تيار ڪندا وتجو.
وڪيل خواجا طارق رحيم حفاظتي ضمانت جي درخواست تي عمران خان جي صحيح نه هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته اسان درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا. اهو تاثر اچي رهيو آهي ته عمران خان پيش ٿيڻ نٿو چاهي.
جسٽس طارق سليم شيخ جو چوڻ هو ته مان عمران خان کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ٿو ڪيان ۽ ٽن هفتن جي تاريخ ڏيان ٿو.
وڪيل چيو ته عمران خان سڀاڻي ئي اچي ويندو، جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙو لڳي ويو.
عدالت چيو ته ايتري تڪڙ ناهي، اڃا حڪم لکرائڻ ڏيو، توهان قانون کي مزاق بڻائي ڇڏيو آهي، عمران خان اڳواڻ آهي، رول ماڊل آهي، کيس رول ماڊل ئي رهڻ ڏيو.
وڪيل خواجا طارق رحيم چيو ته هو 5 وڳي عدالت اچي ويندو، اهو عمران خان لاءِ به صحيح رهندو، جنهن تي عدالت چيو ته کيس اڳ ۾ ئي گهڻي رعايت ملي آهي.
وڪيل چيو ته 5 وڳي عمران خان هتي هوندو.
عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڌڻي ملتوي ڪندي عمران خان کي 5 وڳي پيش ٿيڻ جو آخري حڪم جاري ڪيو.
ياد رهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج ڪرڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر تي حملي جي ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
عدالت حلف نامي ۽ وڪالت نامي تي عمران خان جي مختلف صحيح جو نوٽيس وٺندي کيس اڄ عدالت ۾ طلب ڪيو هو.
عدالت عمران خان کي اڄ طلب ڪندي چيو هو ته هو عدالت ۾ اچي قسم کڻي صحيح جي وضاحت ڪري، عدالت پيش نه ٿيڻ تي کيس توهين عدالت جو اشارو به ڏنو هو.