40

بلال حسين شاھ ايجوڪيشن اڪيڊمي ۽ المدثر فائونڊيش پاران موڪ ٽيسٽ ڪئي وئي

مٽياري رپورٽ سومار ڇٽو 20-2-2023 بلال حسين شاھ ايجوڪيشن اڪيڊمي ۽ المدثر فائونڊيش پاران مختلف ٽيسٽ جي تياري لائي آئي بي اي سکر ۽ مختلف يونيورسٽين جي امتحان انٽري ٽيسٽ ۽ مختلف اسڪالر شپ جي حوالي سان ھڪ موڪ ٽيسٽ ڪئي وئي آهي اڪيڊمٽي جي انتظاميا جي طرفان بهترين استادن سيد محمد علي شاھ پروفيسر غلام حسين الياس گلزار ھنڱورو محمد رمضان ساند پروفيسر ڪامران خاصخيلي محمد حسن ابڙو شبير خاصخيلي ۽ ٻين استادن جي نگراني ۾ موڪ ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ 200 کان مٿي ٻارن حصو ورتو. ان موقعي تي ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن چيو ته هي هڪ بهترين ۽ سارهه جوڳو عمل آهي جنهن ۾ اسان حصو وٺي بهترين نموني ٽيسٽ جي تياري ڪري رهيا آهيون ، جس لهن بلاول حسين شاهه اڪيدمي ۽ المدثر فائونڊيشن جي ٽيم جيڪي بنا ڪنهن لالچ جي اسان نوجوانن تي محنت ڪري اسان کي ڪنهن مقام تي ڏيڻ چاهين ٿا انهن وڌيڪ چيو ته اسان نوجوانن کي به گهرجي ته پنهنجو قيمتي وقت زيان ڪرڻ بجاءِ اهڙن موڪ ٽيسٽن ۾ حصو وٺي اڳيان اچون

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں