37

ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي قائم

ڪراچي: (ڇنڇر: 18 فيبروري 2023ع) گذريل ڏينهن ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي
ڪي پي او حملي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ ڪندو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ ڊي آءِ جي سائوٿ زون عرفان علي بلوچ ۽ ڊي آءِ جي سي آءِ اي محمد ڪريم خان شامل آهن، ان کانسواءِ ايس ايس پي آپريشنز سي ٽي ڊي ڪراچي طارق نواز ۽ انچارج سي ٽي ڊي ڊي ايس پي راجا عمر خطاب به جاچ ڪميٽي جو حصو آهي.

پنج رڪني ڪميٽي ڪراچي پوليس آفيس تي ٿيل حملي جي جاچ ۽ انڪوائري ڪندي جڏهن ته ڪميٽي چيئرمين معاملي جي جاچ لاءِ وڌيڪ ميمبرز پڻ شامل ڪري سگهي ٿو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن شاهراهه فيصل تي قائم ڪراچي پوليس آفيس تي ٿيل حملي ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا هئا جڏهن ته حملي ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن سميت هڪ شهري پڻ شهيد ٿيو هو

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں