ملير رپورٽ مشتاق گبول 18-2-2023 امام خميني پبلڪ لائبريري دارالشفاء جعفر طيار سوسائٽي ۾ سپاس انٽرنيشنل سخن پرور ادبي سلسلي پاران آمريڪا کان آيل اردو ادب جي مشهور شاعر عارف امام جي اعزاز ۾ هڪ شام جناب عارف امام جي نانءُ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ڪراچي جي شاعرن، اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سپاس انٽرنيشنل جي چيئرمين ڊاڪٽر نديم نقوي، وائيس چيئرمين غدير تابش، سيڪريٽري جنرل قيصر عباس، اختر رضا، منهال رضوي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا تقريب کي خطاب ڪندي عارف امام چيو ته آئون سپاس انٽرنيشنل جو شڪر گذار آهيان جن مون سان شام ملهائڻ جو اهتمام ڪيو آهي آخر ۾ عارف امام پنهنجي شاعري پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي ۽ مانجهاندي جو انتظام پڻ ڪيو ويو هو.
