ڪراچي: (ڇنڇر: 18 فيبروري 2023ع) آرمي چيف جنرل عاصم منير گذريل ڏينهن دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ ڪراچي پوليس آفيس جو دورو ڪيو آهي.
آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪي پي او جو دورو ڪيو، ان موقعي تي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي پڻ ساڻس گڏ هئا.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن شاهراهه فيصل تي قائم ڪراچي پوليس آفيس تي ٿيل حملي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا هئا، جڏهن ته حملي 3 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت هڪ شهري پڻ شهيد ٿيو هو.
ٻئي پاسي ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي
