37

گهوٽڪي ماٿيلو مومل جي ماڙي پوليس جي بهترين ڪاروائي, علي مهر ڀرسان موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ 4 ڦورو سوڳا

گهوٽڪي(پنجارام ھوتواني وٽان) 17-2-2023 گهوٽڪي ماٿيلو مومل جي ماڙي پوليس جي بهترين ڪاروائي, علي مهر ڀرسان موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ 4 ڦورو سوڳا, ڦر ٿيل موٽر سائيڪل برامد, گذريل ڏينهن ماٿيلو مومل ماڙي ڀرسان علي مهر لڳ ڦورو هڪ موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هوا ته ماٿيلو پوليس چوڪي جي انچارج نثار مهر, پوليس اهلڪار عباس مهر, ساجد مهر ۽ صدام وسير بروقت پهچي ڪاروائي ڪندي 4 ڦورن کي سوڳو ڪري ورتو, ان موقعي تي ماٿيلو چوڪي انچارج نثار مهر ٻڌايو ته 4 ڦورو علي مهر ڀرسان موٽر سائيڪل ڦر ڪري رهيا هوا ته اطلاع مليو, جتي فوري پهچي ناڪابندي ڪري 4 ڦورن کي سوڳو ڪري ورتو, جن خلاف گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي, هن چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي جي هدايتن تي علائقي ۾ ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪبي, ڏوهارين کي وارنگ ڏجي ٿي ته هو ڏوهن کان پاسو ڪن, ٻي صورت ۾ سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں