ڪراچي: (جمعو: 17 فيبروري 2023ع) ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي ڪراچي پوليس جي هيڊ آفيس تي حملو ٿيو آهي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي.
ذريعن موجب ڪراچي پوليس آفيس ۾ 8 کان 10 حملي آورن جي موجودگي جا اطلاع آهن، پوليس آفيس ڀرسان سخت فائرنگ ۽ ڌماڪن جو آواز ٻڌو ويو آهي ۽ هيڊ ڪوارٽر جون لائيٽون بند ڪيون ويون آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ پوليس نفري پوليس آفيس جو چئني پاسن کان گهيرو ڪري ورتو آهي.
هوڏانهن ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي تصديق ڪندي ٻڌايو ته منهنجي آفيس تي حملو ٿيو آهي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي.
اسپتال ذريعن موجب فائرنگ واري هنڌان هڪ زخمي کي جناح اسپتال پهچايو ويو آهي ۽ زخمي محمد ساجد ريسڪيو اهلڪار آهي، جنهن کي ٻه گوليون لڳيون آهن، جڏهن ته سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي
