ڪراچي: (جمعو: 17 فيبروري 2023ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي جي آفيس تي حملي جو نوٽيس ورتو آهي.
مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي حملو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، مون کي بنا دير لاڳاپيل اختيارين کان واقعي بابت رپورٽ گهرجي.
هن مختلف ڊي آءِ جيز کي پوليس فورس سان گڏ ڪراچي پوليس آفيس پهچڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ايڊيشنل آءِ جي جي آفيس تي حملي جي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، مان پاڻ صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيو آهيان
