37

مهلت باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواست رد

لاهور: (خميس: 16 فيبروري 2023ع) لاهور هاءِ ڪورٽ چار ڀيرا مهلت باوجود پيش نه ٿيڻ تي عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اسلام آباد جي سنگجاڻي ٿاڻي ۾ دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي، جنهن تي ٻه رڪني بئنچ جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي
.
عمران خان طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو ته عدالتن جو احترام ڪيون ٿا، اسلام آباد جي عدالتن سان رابطو ڪرڻ چاهيو پر گرفتاري جو خدشو آهي، قاتلاڻي حملي کانپوءِ ڊاڪٽر مڪمل آرام جي صلاح ڏني آهي، مڪمل بيڊ ريسٽ سبب لاڳاپيل عدالت سان به رابطو نٿو ڪري سگهان، لاڳاپيل فورم سان رابطي لاءِ عدالت 15 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت ڏئي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو مثال موجود آهن ته جوابدار جي پيشي بنا حفاظتي ضمانت ڏني وئي، جنهن تي جسٽس علي باق نجفي ريمارڪس ڏنا ته توهان امڪاني گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت جي درخواست ڏني آهي، اسان کي ته اصول خبر آهي ته گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ پيشي لازمي آهي.
وڪيل چيو ته عمران خان عام ماڻهو ناهي، هو هڪ مقبول وڏي سياسي جماعت جو سربراهه آهي، جنهن تي جسٽس علي باقر نجفي چيو ته اسان جو دارومدار قانون جي دائري تي آهي، قانون چئي ٿو ته جوابدار جي پيشي ضروري آهي، اسان ميڊيڪل رپورٽ ڏٺي آهي، ڪٿي ناهي لکيل ته ويل چيئر تي نٿو اچي سگهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي حفاظتي ضمانت لاءِ ساڍي 6 وڳي تائين پيش ٿيڻ جي مهلت ڏني پر هو پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته 21 آڪٽوبر 2022 ۾ عمران خان خلاف دهشتگردي قلمن تحت اسلام آباد جي علائقي سنگجاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو..

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں