39

مبينا آڊيو تي پرويز الاهي ۽ سپريم ڪورٽ بار صدر جو موقف سامهون اچي ويو

لاهور: (خميس: 16 فيبروري 2023ع) مبينا آڊيو ليڪ تي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري جو موقف سامهون اچي ويو
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله، پرويز الاهي ۽ عابد زبيري جي مبينا آڊيو ليڪ جاري ڪندي ايف آءِ اي کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

ان حوالي سان پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته آڊيو ۾ ڪا غلط ڳالهه ناهي، محمد خان ڀٽي ڪيس تي وڪيل سان گفتگو کي ٽيپ ڪري غلط رنگ ڏنو ويو، محمد خان ڀٽي 10 ڏينهن کان گم آهي، سندس گهرواري سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي آهي.
هن چيو ته ن ليگ قيادت عدليا خلاف منظم مهم هلائي رهي آهي.
هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار صدر عابد زبيري چيو ته آڊيو کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي، محمد خان ڀٽي جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ان ڪيس جو سپريم ڪورٽ سان واسطو ناهي.
هن چيو ته غلام محمود ڊوگر جو نومبر 2022 کان وڪيل آهيان، ٽوڙي مروڙي پيش ڪيل آڊيو کي جاري ڪندڙ ڪوڙا ۽ بدنيت آهن.
سندس چوڻ هو ته اهو عدليا جي آزادي تي حملو آهي، آڊيو سان بار جي قانون جي بالادستي، جمهوري ۽ آئيني آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهڙا حربا بار جي جدوجهد کي نٿا روڪي سگهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں