مٽياري رپورٽ سومار ڇٽو 17-2-2023 سنڌي ادبي سنگت شاخ اڏيرولاگل اسٽيشن پاران سنڌي ٻولي مشاعرو ء سيمينار احساس لائبريري اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ٿي گذريو جنھن جي صدارت نامياري ليکڪ مسڪين سمي ڪئي ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي. سيد شفيع محمد شاھ خالص بخاري سليم گل ابڙي ڊول گھراڻي احساس ميرل ء ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھزارين سال قديمي سنڌي ٻولي آھي جنھن کي قومي ٻولي ء جو درجو نه ڏنو ويو آھي جيڪا سنڌي بولي سان ناانصافي آھي سيمينار ۾ ء ادبي مشاعري ۾ اديبن ء شاعرن سنڌ حڪومت ء سنڌي ادبي بورڊ انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته سنڌي ادبي بورڊ پاران ھٽايل قديمي ڊڳي واري نشان کي ٻيھر بحال ڪيو وڄي مشاعري سيمينار کي نالي وارن اديبنء شاعرن جن ۾ مسڪين سمون عزيز گل دائود پوٽو سليم ابڙو ڊول گھراڻي پير آفتاب شاھ عبدالغفور ڇٽو ديدار علي سائر حاجي غلام حيدر خاصخيلي احساس ميرل سھتو منظور عمراڻي عاجز ڇٽو شاد شڪور ڇٽو اعجاز ٻرڙو عطااللہ گھراڻي شيراز عمراڻي فقير بلاول خشڪ اسامه چنہ امداد حيدري ء ٻين اديبن ء شاعرن خطاب ڪيو
