اسلام آباد: (اربع: 15 فيبروري 2023ع) دهشتگردي جي انت واري عدالت پيش نه ٿيڻ تي عمران خان جي ضمانت واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج جواد عباس اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران احتجاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست کي به رد ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان کي ڏيڍ وڳي تائين پيش ٿيڻ جي مهلت ڏني هئي پر هو مقرر وقت تي عدالت ۾ پيش نه ٿيو. جنهن تي عدالت فيصلو ٻڌائيندي سندس ضمانت واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.
عدالت چيو آهي ته هڪ گولي لڳڻ تي ڪنهن به جوابدار کي ايتري رعايت نٿي ڏئي سگهجي جيڪڏهن ايتري رعايت ڏني وئي ته اها سمورن جوابدارن جي لاءِ هوندي ۽ عدالت اهڙي ڪابه مثال قائم نٿي ڪرڻ چاهي.
