انقره: (اڱارو: 07 فيبروري 2023ع) ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوت ٿيلن جو انگ 4 هزار 300 کان وڌي ويو آهي. ملبي ۾ ڦاٿل زنده ماڻهن کي بچائڻ جي لاءِ ريسڪيو ورڪرز جون ڪوششون جاري آهن. زلزلي کان پوءِ هينئر تائين 120 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن.
سخت سيءُ ۽ ڪجهه علائقن ۾ برفباري سبب متاثرين کي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ آفٽر شاڪس سبب ماڻهو خوف ۾ به ورتل آهن.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب 7.8 شدت جي زلزلي کان پوءِ 7.6 شدت جو هڪ ٻيو زلزلو آيو جنهن وڌيڪ تباهي آندي.
ترڪيه ۽ شام ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار 600 کان وڌيڪ عمارتن کي نقصان پهتو. زلزلي سبب ترڪيه ۾ 2 هزار 921 جڏهن ته شام ۾ هڪ هزار 1444 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. گڏيل طور تي 16 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن. ملبي هيٺ دٻيل زخمين جو انگ به هزارن ۾ ٻڌايو پيو ُڇي.
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان طرفان زلزلي جي تباهي کان پوءِ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز ترڪي جو ڏاکڻو علائقو هو، اونهائي 17.9 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. طيب اردگان ملڪ ۾ هڪ هفتي لاءِ سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
عالمي برادري طرفان ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب تباهي تي ڏک جو اظهار ڪندي ڀرپور امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. يورپي يونين ۽ نيٽو پاران ترڪي جي مدد لاءِ ريسڪيو ٽيمون اماڻڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. روسي صدر طرفان به ترڪي ۽ شام جي ڀرپور مدد جو واعدو ڪيو ويو. فرانسيسي صدر ۽ برطانوي وزيراعظم چيو آهي ته زلزلي متاثر ملڪن جي هنگامي بنيادن تي امداد لاءِ تيار آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان ترڪ عوام سان همدردي جي اظهار لاءِ 8 فيبروري تي ترڪيه وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم سان ترڪي روانو ٿيندو.